خواجه ناظم الدين

خواجه ناظم الدين

خواجه ناظم الدين

خواجه ناظم الدين: پاڪستان جي اڳوڻي گورنر جنرل ۽ وزيراعظم خواجه ناظم الدين 19 جولاءِ 1894ع تي ڍاڪا ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خواجه نظام الدين هو. نواب سليم الله، جنهن جو شمار انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي بانين ۾ ٿئي ٿو. سندس مامو هو. هن ابتدائي تعليم علي ڳڙهه مان حاصل ڪئي، اعليٰ تعليم مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي برطانيا مان حاصل ڪيائين. هن 28 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ ڊاڪا ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ۽ مجلس دستور ساز بنگال جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ هن انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سموري عمر ان سان ئي لاڳاپيل رهيو. خواجه ناظم الدين متحده بنگال جو وزير تعليم، وزير داخلا ۽ وزيراعليٰ پڻ رهي چڪو آهي. هن ڪلڪتي مان روزاني اخبار ’اسٽار آف انڊيا‘ به جاري ڪئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ اوڀر پاڪستان جو وزيراعليٰ چونڊيو. 1948ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي وفات کان پوءِ کيس پاڪستان جو گورنر جنرل چونڊيو ويو. آڪٽوبر 1951ع ۾ لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو.
1953ع ۾ گورنر جنرل کيس غير آئيني طريقي سان هٽائي ڇڏيو، جنهنڪري سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. خواجه ناظم الدين نه رڳو پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي اهم اڳواڻن مان هو، پر
محمد علي جناح جو ويجهو ۽ اعتماد وارو ساٿي به هو. 1965ع جي صدارتي چونڊن ۾ خواجه ناظم الدين به امڪاني اميدوار هو، پر هن فاطمه جناح کي اميدوار بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. صدارتي مهم هلندڙ ئي هئي ته 22 آڪٽوبر 1964ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. ڪراچيءَ جا ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد علائقا سندس نالي سان منسوب آهن. ان کان سواءِ ڊاڪا ۽ اسلام آباد ۾ سندس نالي سان ناظم الدين روڊ منسوب آهن. (حوالو: انٽرنيٽ ۽ پاڪستان ڪرونيڪل).


لفظ خواجه ناظم الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.07.19  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي گورنر جنرل ۽ وزيراعظم خواجه ناظم الدين 19 جولاءِ 1894ع تي ڍاڪا ۾ جنم ورتو.


1964.10.22  عيسوي

خواجه ناظم الدين 22 آڪٽوبر 1964ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديپڪ آشا
ڀٽي مخدوم محمد صالح
ستيه پال
ظفر سنڌي
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
رفيق مغل ڊاڪٽر
جهنڊو پاتڻي
ڀڳت سنگهه
ڀَنڀو
ادريس راجپوت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون